Tankha ka masala

logo

Sarwan Ali

01 03 2026 10:28:26 PM 181

اڄ ڳالهه ڪنهن هڪ جي ناهي… 30–40 محنتي ملازمن جي گهرن جو مسئلو
رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو هلي رهيو آهي — هي مهينو انصاف، رحم ۽ حق ادا ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته 30–40 ملازمن جون پگهارون ۽ ڪيترن مهينن جون انڪريمنٽس اڃا تائين روڪيل آهن.
هي معاملو Indus Hospital جي ماتحت Indus Hospital Matli ۽ Indus Hospital Badin سان لاڳاپيل آهي، جتي ملازمن ايمانداري، ذميواري ۽ پيشاورانه انداز سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
هي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو مسئلو ناهي.
هي 30–40 گهرن جي چلهن جو سوال آهي.
هي ٻارن جي رزق، گهر جي خرچ ۽ عزتِ نفس جو معاملو آهي.
سوال اهو آهي:
ڇا محنتي ماڻهوءَ جو پنهنجي حلال ڪمائي گهرڻ غلط آهي؟
ڇا خاموش رهڻ ئي انهن جو مقدر بڻايو ويندو؟
اسان ڪنهن جي تذليل نٿا چاهيون، نه ئي تڪرار.
اسان صرف پنهنجو جائز حق گهرون ٿا.
ڊاڪٽر سکن

: cat

Users comments